شيخ محمد عابد انصاري سيوهاڻي

شيخ محمد عابد انصاري سيوهاڻي : سنڌ جو نامور طبيب ۽ عالم شيخ محمد عابد ولد احمد علي انصاريءَ، 11 صدي هجريءَ ڌاري سيوهڻ ۾ ڄائو. هن ابتدائي تعليم سيوهڻ ۾ ئي حاصل ڪئي، سندس ڏاڏو علم ۽ فضل جو مالڪ ۽ مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ جي شاگردن مان هو ۽ سندس لقب ’شيخ الاسلام‘ هو. شيخ محمد عابد پنهنجي چاچي محدث حسين انصاريءَ کان علم پرايو، ڪتب حديث جي سند، جنهن جو سلسلو سنڌ جي عظيم محدث ابوالحسن ڪبير سنڌيءَ سان ملي ٿو، سا به پنهنجي چاچي کان حاصل ڪيائين. ان کانپوءِ شيخ محمد عابد يمن جي علمي مرڪز زبيد ۾ سڪونت اختيار ڪئي، اتي جي وڏن عالمن ۽ مجاز جي عالمن کان به علم حاصل ڪيائين. ان کانپوءِ پاڻ يمن جي گاديءَ جي هنڌ ’صنعاءَ‘ ۾ آيو ۽ اتي جي امام ۽ واليءَ جو شاهي طبيب ٿي رهيو ۽ ان جي وزير جي ڌيءَ سان شادي ڪيائين. هن سنڌي بزرگ کي يمن جي امام وٽ اها مقبوليت حاصل ٿي، جو هڪ ڀيري ان طرفان مصر ڏانهن سفير بڻجي ويو ۽ مصر جي واليءَ کي يمن جي امام جو هڪ هديو به پهچايائين. اهڙيءَ ريت هن سنڌي محدث جي مصر جي واليءَ سان ڄاڻ سڃاڻ ٿي ۽ مصر جي حاڪم هن جي علم ۽ فضل کان واقف ٿيو. شيخ محمد عابد سنڌيءَ کي علم طب کي دسترس حاصل هئي. ان کانسواءِ نحو، صرف، فقه حنفي ۽ اصول فقه تي به کيس گھڻي ڄاڻ هئي. ان ڪري هن کي ان وقت جي بغدادي خليفي منصور بالله حديده مان پاڻ وٽ گھرايو ۽ اتي هن ڪيترن ئي ماڻهن کي پنهنجو شاگرد بڻايو. ان کانپوءِ هي واپس سنڌ آيو ۽ هتي پنهنجي مرشد خواجه محمد زمان ثانيءَ جي عقيدت ۾ رهيو. هتي ڪجھه وقت رهڻ کانپوءِ مصر جي حاڪم جي حڪم تي مديني منوره روانو ٿيو، جتان جي عالمن جو کيس رئيس بڻايو ويو ۽ اتي پنهنجي وفات تائين تدريس، تاليف ۽ تصنيف ۾ مشغول رهيو. هن جي لکيل ڪتابن ۾ ’منحة الباري بمکررات البخاري‘ طب تي لکيل ڪتاب آهي، ’تحفة المومنين‘، ’المواهب الطيفه‘، ’علـي مـستـند الامـام ابي حـنيـفه‘، ’طـوالـع الانوار شــرح درالمخـتـار‘، ’شرح تيسرالوصول‘، ’شرح مسند الامام الشافعي شامل آهن. شيخ محمد عابد سنڌيءَ، 1257هه/1841ع ۾ وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو